اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو پاڪست??ن اڪيلي نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان بابت پاڪست??ن افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي، 5 آگست 2019ع ک??ن اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي ڀارت سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو، سنڪيانگ چين جو حصو آهي ڪو تڪرار نه آهي ۽ ان کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي جي گڏيل مفاد ۾ آهي، امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. فرانسيسي اخبار لي فگارو کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي هو پنهنجي سمورن هندستاني دوستن جي لاءِ پريشان آهي، هڪ تعليم يافته هندستاني جي لاءِ هن وقت هندستان ۾ پلجڻ وڌڻ ڳڻتي جوڳو هوندو. افغانستان بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ پاڪست??ن افغانستان جي ڀرپاسي موجوده سمورن علائقائي ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، اس??ن انهن سان گڏجي گڏيل قدم کڻڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن پاڪست??ن اڪيلي ڪو قدم کڻي ٿو ته ان سان پاڪستان تي تمام گهڻو عالمي دٻاءُ اچي ويندو. پاڪستان هن وقت معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ ڏيوالپڻو هو، اسان وٽ رهتون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه هئا، اسان جو ڌيان هن وقت معيشت آهي ۽ اسان پنهنجي معيشت کي انهي صورت ۾ مٿي کڻي وڃي سگهون ٿا جڏهن ??ني?? س??ن اسان جا سٺا لاڳاپا هجن. وزيراعظم چيو ته آخري شيءَ جيڪا اسان نه چاهينداسين اها عالمي اڪيلائپ آهي، يعني اسان واحد ملڪ هجون جيڪو انهن کي (طالبان حڪومت) کي تسليم ڪري پر اه?? چوندي منهنجو يقين آهي ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو اه?? آهي ته جيڪڏهن اٽڪل چار ڪروڙ افغانين جي ڀلائي جا خواهشمند آهن ته افغان حڪومت کي جلد يا دير تسليم ڪرڻو آهي ڇو هن وقت ڪو ٻيو متبادل دستياب نه آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن گذريل ڀيري طالبان جي حڪومت هئي ته انهن جو اتر اتحاد سان تڪرار هلي رهيو هو. افغانستان ۾ هاڻي ڪو تڪرار نه آهي جيڪو 40 سالن کانپوءِ پهريون موقعو آهي، سواءِ ڪجهه ننڍين دهشتگرد تنظيمن جي باقي ملڪ تڪرارن کان پاڪ آهي. افغانستان ۾ جيترو وڌيڪ استحڪام هوندو، ايترو ئي انهن عالمي دهشتگردن جي وڌڻ ويجهڻ جو امڪان گهٽ هوندو تنهن ڪري آئون محسوس ڪريان ٿو ته اڳتي وڌڻ جو واحد رستو طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ آهي، پاڪست??ن اڪيلي ائين نه ٿو ڪري سگهي، اسان سمورن علائقائي ملڪن سان مشاورت ڪري رهيا آهيون پر افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ جلد يا دير انهن کي افغانستان کي تسليم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه تي عالمي اتفاق راءِ آهي ته افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت هجڻ گهرجي، ٻيو انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جو تحفظ هجڻ گهرجي، طالبان جي حڪومت ٻنهي جو واعدو ڪيو آهي، انهن انساني حقن ۽ ٺوس حڪومت جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻي سوال اه?? آهي ته طالب??ن اهڙو ڇا ڪري جنهن سان ??ني?? مطمئن ٿئي ته طالبان شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهين، هن وقت اها صورتحال آهي جو اه?? هيستائين ٻنهي شرطن تي راضي ٿي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته امير تقي جي دوري ۾ ڪا ٺوس خاطري ته نه ڪرائي پر هن ??ن اصول تي اتفاق ڪيو ته هو ان بابت اڳتي ڪيئن وڌندا. جيڪڏهن ڪير افغانين جي ڪردار کان واقف آهي ته ان کي اه?? ادراڪ هجڻ گهرجي ته اه?? تمام گهڻا فاخر ماڻهو آهن ۽ توه??ن انهن کي مجبور نه ٿا ڪري سگهو، اه?? ٻاهرئين مداخلت کان نفرت ڪن ٿا، 2001ع ۾ پاڪست??ن انهن ٽن ملڪن مان هڪ هو جنهن افغانستان کي تسليم ڪري رکيو هو، ان جي باوجود جڏهن پاڪستان طالبان کي اه?? چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو اسامه بن لادن کي آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏي ته انهن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ان لاءِ هڪ حد تائين ٻاهريون دٻاءُ ڪنهن حڪومت تي اثرانداز نه ٿو ٿي سگهي. خاص طور تي اهڙي حڪومت تي جيڪا طالبان وانگر تمام گهڻي آزادي پسند آهي. رڳو تنبيهه ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪير اه?? سوچي ٿو ته ان عمل جي لاءِ توه??ن انهن کي مجبور ڪري سگهو ٿا ته ائين ٿيڻ وارو نه آهي ۽ اسان کي اميد به نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته عورتن جي حقن بابت افغانستان جا ماڻهو ڇا ٿا سوچين ۽ اولهه ۾ عورتن کي ڪهڙا حق حاصل آهن انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ وڏو خال آهي. عورتن جي لاءِ اولهه طرز جي حقن جي جيڪڏهن ڪير اميد ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ائين نه ٿيندو جڏهن ته اه?? ان ڳالهه سان متفق آهن ته ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ اه?? هڪ اهڙو نقطو آهي جنهن تي جڏهن هو هتي آيا ته انهن اتفاق ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻه خدشا موجود آهن پهريون ته پناهگير آهن. پاڪستان ۾ اڳ ۾ ئي 40 لک کان وڌيڪ پناهگير موجود آهن ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ٿين ٿيون، جيڪڏهن اه?? انساني بحران بدتر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ پناهگيرن جو هڪ سيلاب ايندو. پاڪستان وڌيڪ پناهگيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان وٽ وسيلا نه آهن. بيو اه?? ته سقوط ڪابل ک??ن اڳ افغانستان مان ٽي گروهه ڪارروايون ڪري رهيا هئا پهرين نمبر تي ٽي ٽي پي پاڪستان طالبان، ٻيو بلوچ دهشتگرد هئا ۽ ٽئين نمبر تي داعش هئي. ان لاءِ اسان جو پڪو يقين آهي ته جيتري وڌيڪ مستحڪم افغان حڪومت ٿيندي ويندي انهن گروهن کي اتان ڪارروايون ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا، ان لاءِ اسان وٽ مضبوط دليل آهن. پاڪستان وٽ افغانستان ۾ استحڪام جي مضبوط ترين دليل امڪاني پناهگير ۽ دهشتگردي آهي. طالبان حڪومت پاران پنهنجي سرزمين کي ٻين ملڪن جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم چيو ته کيس طالبان حڪومت تي ڀروسو آهي منهنجي خيال ۾ جنهن به افغان طالبان سان گڏ ڪم ڪيو، آئون سال 2000ع جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، هڪ ڳالهه توهان چئي سگهو ٿا ته اه?? پنهنجي زبان تي قائم رهن ٿا. جڏهن ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٻيا ماڻهو طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستا?? ويندا هئا ته اه?? ٻڌائيندا ته ان ک??ن اڳ هر 50 ميل کانپوءِ هڪ جنگجو انهن کان ڀتو وٺندو هو. جڏهن طالب??ن اقتدار ۾ آيا ته بنيادي طور تي هر جڳهه تي مڪمل امن ٿي ويو ۽ جڏهن اه?? تحفظ جي ضمانت ڏين ٿا ته توهان کي تحفظ ملندو هو تنهن ڪري اسان کي يقين آهي ته اه?? ائين ڪندا ڇو ته اه?? انهن جي مفاد ۾ آهي. جيڪو طالبان حڪومت سڀ کان وڌيڪ چاهيندي اها پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال آهي ۽ اه?? انهن جي سارسنڀال رڳو انهي صورت ۾ ڪري سگهن ٿا ته اتي امن هجي ۽ واپار هجي. ان جي لاءِ آئون سمجهان ٿو ته نه رڳو اسان جي حڪومت پر سمورن پاڙيسري ملڪن جو مڃڻ آهي ته افغانستان ۾ استحڪام وچ ايشيائي ملڪن جي لاءِ انتهائي اه?? آهي. پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي موقف سان پاڪست??ن افغانستان جي رستي وچ ايشيا سان ڳنڍجي وڃي ٿو. وچ ايشيائي رياستون بحرهند سان ڳنڍجن ٿيون جتان اه?? پنهنجو سامان ٻاهر کڻي وڃي سگهن ٿا تنهن ڪري اسان سڀ ان جي استحڪام ۾ دلچسپي رکون ٿا. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن طالبان جي سرزمين تان دهشتگردي ٿئي ٿي ته اه?? مصيبتن جو شڪار ٿيندا. عالمي دهشتگردي سان اه?? نقصان کڻندا ان لاءِ عالمي دهشتگردي کي روڪڻ انهن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي. پاڪستان ۽ فرانس جي لاڳاپن جي سوال تي وزيراعظم چيو ته فرانس پاڪستان جي لاءِ تمام اه?? ملڪ آهي. پهرين ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي اڌ برآمدات يورپي يونين ڏانهن وڃي ٿي. فرانس اتان جي انتهائي ملڪن مان هڪ آهي ۽ واپاري حصيدار ملڪ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حوالي سان سندس بنيادي فڪر معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ، پنهنجي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ 22 ڪروڙ عوام جو خيال رکڻ آهي. ان لاءِ منهنجي بنيادي دلچسپي معيشت آهي ۽ انهي جي ڪري فرانس اسان جي لاءِ انتهائي اه?? آهي. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري شا??د ئي ڪو عالمي سفر يا ملاقاتون ٿيون هجن. اڪثر ورچوئل ملاقاتون ٿيون آهن. تنهن هوندي به صدر ميڪرون سان ملڻ چاهيندس ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس. منهنجي ٻه ڀيرا صدر ميڪرون سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. فرانس ۾ پاڪستاني سفير جي مقرري جي سوال تي وزيراعظم چيو ته منهنجو خيال آهي ته اس??ن ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ ڀارت پاران غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي سوال تي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت هڪطرفي طور تي ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو. هي اها شروعات هئي جنهن کانپوءِ اسان جا لاڳاپا ڪٽجي ويا آهن. ڇو ته ڀارت جو ائين ڪرڻ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. رڳو اه?? ئي نه پر ڀارت ۾ آر ايس ايس جي قيادت هيٺ بي جي پي حڪومت جهڙي طريقي سان پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پاليسي هلائي آهي. مون کي ڳڻتي آهي ته ??ني?? جي ان حصي ۾ هن وقت تمام گهڻي بي چيني موجود آهي ته اسان هڪ منطقي سوچ رکندڙ حڪومت سان معاملا نه ڪري رهيا آهيون پر هڪ اهڙي حڪومت سان معاملا ڪري رهيا آهيون جنهن جي نظريي جو بنياد ئي نفرت تي آهي جنهن جو نظريو مسلمانن، اقليتن ۽ پاڪستان جي خلاف نفرت تي ٻڌل آهي، اها هڪ منطقي حڪومت نه آهي جنهن س??ن اسان ڳالهيون ڪري سگهون. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته ڀارت کي اه?? تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جي حل جو آهي جيڪو اسان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ اه?? ئي سبب آهي جو جڏهن آئون اقتدار ۾ آيس ته منهنجو پهريون قدم اه?? هو ته وزيراعظم نريندر مودي طرف دوستي جو هٿ وڌايو، آئون ڪيترن ئي پاڪستانين جي ڀيٽ ۾ ڀارت بابت وڌيڪ بهتر ڄاڻان ٿو، منهنجو خيال اه?? هو ته اسان جا پاڙيسري جهڙا لاڳاپا هجن، اسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو واحد سبب ڪشمير مسئلو آهي، ان مسئلي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي وزيراعظم جو ردعمل تمام گهڻو حيران ڪندڙ هو، ان کانپوءِ پلواما واقعو پيش آيو جتي هڪ ڪشميري نوجوان ڀارتي فوجي قافلي تي خودڪش حملو ڪري ڇڏيو جنهن جو انهن اسان تي الزام هنيو، ان جي نتيجي ۾ انهن پاڪستان تي بمباري ڪئي، اسان ردعمل ۾ انهن جو جهاز ڪيرايو ۽ اه?? ٻڌائڻ جي لاءِ اسان جارحيت نه ٿا وڌائڻ چاهيون اس??ن انهن جي پائليٽ کي واپس ڪري ڇڏيو، هن وقت اسان جي وچ ۾ ڪو رابطو نه آهي پر آئون چوندس ته اها هڪ تعطل واري ڪيفيت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت سان لاڳاپا قائم ڪري سگهون ٿا پر ان طرف??ن ان جي شروعات انهن قدمن جي واپسي سان ٿيڻي آهي جيڪي هن 5 آگسٽ 2019ع تي کنيا هئا، ڀارت کي ڪشمير جي حيثيت بحال ڪرڻي پوندي ڇو ته اها عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي، 5 آگسٽ 2019ع ک??ن اڳ واري پوزيشن تي وڃڻ کانپوءِ ئي اسان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا، هن وقت ڳالهيون ڪرڻ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري جي برابر هوندو جن ايتريون مصيبتون برداشت ڪيون آهن، هيستائين هڪ لک ڪشميرين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، ڪشميرين جو اه?? حق هو جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏني وئي هئي ته ريفرنڊم ذريعي انهن کي پنهنجي مستقبل بابت پاڻ فيصلو ڪرڻ جي اجازت هوندي، ڪشميرين کي اه?? حق نه ڏيڻ ۽ طاقت جو استعمال جهڙوڪ 8 لک ڀارتي فوج ڪشمير جي واديءَ کي هڪ اوپن جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ڪا به راهه نه آهي جو اس??ن اڳتي وڌي سگهون، جيستائين هو ڪشمير جي حيثيت بحال نه ٿو ڪري ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. وزيراعظم چيو ته سنڪيانگ چين جو حصو آهي، اه?? ڪو تڪرار نه آهي، ان کي چين جي حصي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو، ڪشمير جي حيثيت اها آهي ته 1948ع ۾ عالمي برادري ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪرار طور تسليم ڪيو آهي، ڪشمير جي ماڻهن کي ضمانت ڏني وئي هئي، جيڪا ڀارت به تسليم ڪئي هئي، ڪشمير کي ڀارتي آئين ۾ خصوصي حيثيت حاصل هئي، 2019ع ۾ ڀارت هڪطرفي طور تي اها حيثيت ختم ڪري ڇڏي، ڪشمير مڪمل طور تي مختلف معاملو آهي، اه?? پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري علائقو آهي، اه?? ئي سبب آهي جو پاڪستان ڪشمير جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو ڇو ته هڪ ڀاڱي ٽي ڪشمير پاڪستان وٽ آهي، ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير مان آيل ڪيترائي پناهگير پاڪستان ۾ رهن ٿا، ان لاءِ اه?? معاملو سڌوسنئون پاڪستان بابت آهي، سڄي ??ني?? ۾ شا?? کان وٺي ليبيا، صوماليه ۽ عراق ۾ مسلمانن سان تمام گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي پر هن وقت منهنجا خاص طور تي خدشا ڪشمير جي حوالي سان آهن جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ هڪ تڪراري معاملو آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، اسان جا آمريڪا سان سدائين سٺا لاڳاپا رهيا آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ڪجهه رخن تي مون سدائين تنقيد ڪئي آهي، جنهن رخ کي مون سڀ کان وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻايو آهي اه?? دهشتگردي ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ جنگ آهي، مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل نڪرندو، شروع ۾ ڪجهه واضح نه هو ته اه?? افغانستان ۾ ڪهڙي مقصد تحت آيا آهن، ڇا انهن جي نظر ۾ قوم جي تعمير هئي يا عورتن کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه هئي يا انساني حقن جو معاملو هو، اه?? اتي جمهوريت آڻڻ جي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن ڇو ته انهن جا مقصد واضح نه هئا، ڪنهن کي خبر نه هئي ته اه?? افغانستان ۾ ڇا ڪري رهيا آهن، آئون نه ٿو سمجهان ته آمريڪين کي به خبر هئي ته اه?? ڇا ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ ڪهڙي ڪاميابي هئي ڪنهن کي خبر نه هئي، مون سدائين افغانستان ۾ ٿيندڙ ان مهم جوئي تي تنقيد ڪئي، اه?? جيڪو ڪجهه به حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جو ڪو فوجي حل نه آهي، ٻي ڳالهه دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شرڪت آهي، آئون نه چاهيندو هئس ته پاڪست??ن ان جنگ ۾ حصو وٺي ۽ ان جو هڪ سبب هو، 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، مجاهدين کي هٿياربند ڪيو ۽ جهاد ۾ شرڪت ڪندڙن کي هيرو قرار ڏنو ويو ڇو ته اه?? سوويت يونين جي قبضي جي خلاف هئا، اسان سي آءِ اي سان گڏجي انهن جي تربيت ڪئي هئي، 10 سالن کانپوءِ 1989ع ۾ سوويت فوجون افغانستان مان هليو?? ويون، پوءِ 2001ع ۾ آمريڪي افغانستان ۾ اچي ويا، هاڻي انهن ئي ماڻهن کي جن کي اسان غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، اسان اه?? ٻڌائي رهيا هئاسين ته آمريڪي قبضي جي خلاف جنگ دهشتگردي آهي ته اه?? اسان جي خلاف ٿي ويا، منهنجو موقف اه?? هو ته اسان کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، ان لاءِ پاڪستاني طالب??ن اسان جي خلاف ٿي ويا ڇو ته سوويت فوجن جي خلاف سموريون ڪارروايون اسان جي قبائلي علائقن مان ڪيو?? ويون هيون جيڪي افغانستان جي ڀرپاسي وارا ضلعا آهن، اتان جا ماڻهو پاڪستاني طالبان بڻجي ويا ۽ اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته مجاهدن جا پراڻا گروپ جهڙوڪ القاعده به پاڪستان جي خلاف ٿي ويا ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 80 هزار قيمتي جانين جو نقصان کڻڻو پيو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي ڪنهن اتحادي ايترن ماڻهن جو نقصان نه کنيو، ان جي باوجود افغانستان ۾ ناڪامي تي پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو ويو، مون ان س??ن اتفاق نه ڪيو هو پر ان کانسواءِ هن وقت آمريڪا س??ن اسان جا گڏيل مقصد آهن، اس??ن افغانستان مان ڪنهن به قسم جي دهشتگردي نه ٿا چاهيون، اسان عالمي دهشتگردي جي خلاف آهيون، آمريڪا به اه?? ئي چاهي ٿو ان لاءِ اسان جا مفاد گڏيل آهن، آئون اميد ڪريان ٿو ته آمريڪا به ان ڳالهه جو احساس ڪندو. وزيراعظم چيو ته آمريڪا شروع ۾ عالمي دهشتگردي يعني القاعده جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغانستان آيو هو، هاڻي جيڪڏهن اتي بحران واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اتي اها ئي صورتحال پيدا ٿي ويندي ان لاءِ اسان جو مفاد گڏيل آهي جيڪو افغانستان ۾ استحڪام آهي. افغانستان ۾ فضا مان نگراني ۽ آپريشن جي پاليسي حڪمت عملي ۾ شموليت جي سوال تي وزيراعظم چيو ته ائين رڳو طالبان جي حڪومت جي اجازت سان ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اها اجازت ڏي تڏهن ئي ائين ٿي سگهي ٿو ٻي صورت ۾ اها اسان جي آخري خواهش هوندي ته افغان حڪومت سان ڪو تڪرار هجي، 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻ کانپوءِ پاڪستان هڪ ٻئي تڪرار کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اس??ن امن ۾ آمريڪا جا حصيدار آهيون پر تڪرارن ۾ نه. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا تي الزام نه ٿو لڳائي پر پنهنجي ملڪي قيادت کي ذميوار سمجهي ٿو، ملڪي قيادت جو ڪم اه?? آهي ته اها پنهنجي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ ڪري، اه?? آمريڪا جو ڪم نه آهي ته هو پاڪستاني عوام جي مفادن جو تحفظ ڪري، پاڪستان پاڻ کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني، اه?? واضح آهي ته اسان 80ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻياسين، ان جنگ جي خاتمي جي هڪ سال کانپوءِ اسان تي پابنديون هنيو?? ويون، پاڪستان کي ان وقت سکڻ گهرجي ها، اه?? ئي سبب آهي جو مون 2001ع کانپوءِ آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي هئي، ان جو پهريون سبب اه?? آهي ته اس??ن انهن مجاهدين کي غيرملڪي قبضي جي خلاف جنگ جي تربيت ڏني هئي، هاڻي اس??ن انهن کي ڪيئن روڪيون ها ۽ جڏهن اسان آمريڪا جو ساٿ ڏنو ته اسان جي خلاف ٿي ويا، ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان کي لڳو ته اسان کي استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن 1991ع ۾ پاڪستان تي پريسلر ترميم جي ذريعي پابنديون هنيو?? ويون، ان وقت اسان وٽ 40 لک پناهگير رهندڙ هئا، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف جي آمد ٿي ۽ مذهبي نفرت پکيڙيندڙ عسڪري گروهه سامهون آيا، اه?? 80ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ افغان جهاد جو نتيجو هو، ان وقت مون انهن جو ساٿ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، منهنجو خيال هو ته اسان کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ها، مون کي اڄ به جارج بش جو بيان ياد آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته هو ٻيهر پاڪستان کي نه ڇڏيندا پر انهن هڪ ڀيرو ٻيهر اه?? ئي ڪيو. فرانس جي دوري بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته هن وقت نه پر هو يقينن فرانس جو دورو ڪرڻ چاهيندو.