اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائر??ڪٽ?? سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خا?? سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ ??يلپ لائين جي آزمائشي ۽ سافٽ لانچ جي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انف??اد?? ايمرجنسي نمبرز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي حصي طور اهو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جو نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ان منصوبي کي آساني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ذميوار هوندي.