اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي باصلاحيت نوجوان افرادي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص معاون ??وا??زاده شاهه زين بگٽي سان ڳالهائيند?? ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي اندروني طور تي بي گهر ماڻهن (آءِ ڊي پ??ز) جي مسئلن ۽ انهن جي پ??هنجي گهرن ڏانهن واپسي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ ج??ري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.