اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ آزاد، خودمختيار پا??ست??ن ۽ هڪ محڪوم پا??ست??ن جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، (ن) ليگ وارن سان همدردي آهي، پيءُ (شهباز شريف) ملڪ جو وزيراعظم ۽ پٽ (حمزه شهباز) وڏي وزير بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيا ??هن?? انهن ماڻهن ۾ ڪو شرم نه آهي، اهي پنهنجو پاڻ کي مغليه فيملي سمجهن ٿا. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پا??ست??ن جي عوام انهن ماڻهن سان نفرت ڪري ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن شيروانيون سبرايون آهن پر انهن کي پاجاما نه ملي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته چوڌري سرور سٺو ماڻهو آهي، اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، چوڌري سرور جي پرويز الاهي سان نه ٺهي رهي آهي، ان لاءِ هٽائي ڇڏيو. هن چيو ته عمر سرفراز چيما کي نئون پنجاب جو گورنر بڻايو وي?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ آزاد، خودمختار پا??ست??ن ۽ هڪ محڪوم پا??ست??ن جي وچ ۾ ووٽنگ آهي، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته پا??ست??ن ۽ پا??ست??ن جي قوم کي عزت ڏيو جڏهن ته ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته اسان ڀڪاري آهيون ۽ ڊرپن تي لڳل آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اسان کي جهڙي طرح آ??اد?? ڏياري هئي اڄ اهڙي طرح جي آ??اد?? جو هي موقعو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن جي قوم خودمختار ۽ غيرتمند قوم آهي، اها انهن ماڻهن سان گڏ ڪڏهن به نه وي??دي جيڪي پنهنجو پاڻ کي ڀڪاري چون ٿا. هڪ سوال تي هن چيو ته فلور ڪراسنگ ۾ ملوث ميمبرن پنهنجي عزت اڳ ۾ وڃائي ڇڏي آهي، هاڻي انشاءَ الله تاحيات پابندي ٿيندي ته انهن جي سياست به ختم ٿي وي??دي.