اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ڪروٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي دوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ جون تصويرون سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئيٽر تي شيئر ڪري ڇڏيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ تخريب جون ٻه تصويرون ۽ ٻه ڪردار آهن، ??ادم پاڪستان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي جي چين پاڪستان دوستي جي ڪروٽ منصوبي جي دوري تي آهي جڏهن ته چار سال معيشت کي تباهه ۽ عوام کي مهانگائي سان روئاريندڙ هڪ ڀي??و ٻيهر ڪنٽينر تي آهي. هن چيو ته هڪ طرف تعمير ۽ ترقي جي رفتار جي اها ئي جهلڪ آهي جيڪا 2013ع کان 2018?? تائين رهي ته ٻئي طرف ڊي چوڪ جي ڌرڻي وارو ٻيهر فساد مارچ جي سفر تي آهي، اهو آهي پاڪستان ۽ عوام جي خادمن ۽ فتني فساد پکيڙيندڙن ۾ واضح فرق.