اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، عمران خان جا بيان آئين جي خلاف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جا بيان وفاق تي حملو آهن، وفاق تي حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسڻ جون ڳالهيون دشمن ڪندو آهي، هن چيو ته عمران خان جي اهڙي تقر??ر ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي، اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ وا??ي هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، عمران خان جي ملڪ جي خل??ف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، هن چيو ته عمران صاحب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آهي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وا??ن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جا بيان آئين، ادارن، پاڪستاني فوج ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو آهن. اقتدار نه رهي ته آئين، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق تي حملو هڪ ب??ما?? ذهن جي عڪاسي آهي.