اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو باطل جي ا??اعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي ب??هڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پي??ام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظالم مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي ا??ول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پي??ام برابري ۽ آزادي جي آفاقي ا??ولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي ح??رت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي ح??صل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ۽ رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.