اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرست??ن جي علائقي مير ??لي ۾ فوجي جوانن جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتر وزيرستان ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 4 جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين پوري ??وم متحد ٿي ??ن جو مقابلو ڪندي رهندي ۽ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سان مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ انهن جوانن کي مون سميت پوري ??وم خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.