اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته عمران خان توهان ڪرپشن نه ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر ص??ف فوج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪي?? آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوهاري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجن ??يج??ن ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿينديون.