اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي ترجيحن کي نئين سر جوڙي اميد تي قائم ڪرڻو آهي. پاڪستان ماحولياتي انصاف جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ گلوبل سائوٿ جي قيادت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪوپ تقريب ۾ منهنجو دليل اه?? هو ته دنيا کي تاريخي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪاميابي جي موقف کي جاري رکڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عبوري ڪميٽي تيزي سان گذرندڙ وقت ۾ پنهنجو مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي روشن مستقبل جي لاءِ پنهنجي ترجيحن کي ٻيهر جوڙي اميدن تي اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته اڄ اسان مختلف وزارتن، ماهرن ۽ گمنام هيروز کي ساراهيو جن لاس ا??نڊ ڊيميج فنڊ جي 30 سالا پ??اڻي خواب کي عملي جامعو پارائڻ ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ماحولياتي انصاف جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ گلوبل سائوٿ جي قيادت ڪئي. هن چيو ته اڃا رڳو سفر شروع ٿيو آهي.