اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري جي پاليسي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آه??، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪميٽي ۾ سيڪريٽري پاور، دفاع واري وزير سميت ٻيا وزير شامل هوندا، جڏهن ته شادي هالز رات 10 وڳي، مارڪيٽون ۽ ريسٽورنٽ 8 وڳي بند ڪيا ويندا، 20 سيڪڙو سرڪاري ملازم گهر مان ڪم ڪندا، دفاع واري و??اقي وزير خواجه محمد آصف چيو آه?? ته سنگين معاشي صورتحال جي ڏس ۾ اسان کي پنهنجي عادتن ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ان لاءِ ڪفايت شعاري جي پاليسي آندي پئي وڃي، جنهن جي لاءِ ايندڙ ٻن ڏي??هن ۾ توانائي بچت جي حوالي سان صوبن کان تجويزون ورتيون وينديون، توانائي بچت جو هي قومي پروگرام آه??. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. خواجه محمد آصف ٻڌايو ته ڪفايت شعاري جي پاليسي ڏني پئي وڃي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ڪميٽي ۾ سيڪريٽري پاور، دفاع واري وزير سميت ٻيا وزير شامل آه??. هن چيو ته شادي هالز رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه?? جڏهن ته مارڪيٽون ۽ ريسٽورنٽ 8 وڳي بند ڪيا ويندا، سڄي دنيا ۾ مارڪيٽون شام 6 وڳي تائين بند ٿينديون آه?? پر اسان وٽ رات 2 وڳي تائين کليل هونديون آه??. هن چيو ته 20 سيڪڙو سرڪاري ملازم گهر مان ڪم ڪندا، مختلف ذريعن سان توانائي جي بچت ڪري معيشت کي اربين جو فائدو ٿيندو، ان فيصلي سان 8 کان 9 هزار ميگاواٽ بجلي جي بچت ٿيندي ۽ 62 ارب رپيا بچائي سگهبا. دفاع واري و??اقي وزير چيو ته ايندڙ ٻن ڏي??هن ۾ توانائي بچت جي حوالي سان صوبن کان تجويزون ورتيون وينديون، توانائي بچت جو هي قومي پروگرام آه??. هن چيو ته اسان اي بائيڪس متعارف ڪرائڻ وڃي رهيا آه??ون جنهن جي لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪس جي درآمد شروع ٿي چڪي آه??، ان کانسواءِ پراڻا پنکا 120 کان 130 واٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، نوان پنکا اٽڪل 40 کان 60 واٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، انهن پنکن جي استعمال سان 15 ارب رپين جي بچت ٿيندي، ايل اي ڊي بلبن جي استعمال سان 25 ارب رپين جي بچت ٿيندي، گهرن ۾ پنکا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جي استعمال ۾ بچت سان 8 کان 9 هزار ميگاواٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪيپسٽي پي منٽس جي مد ۾ 28 ارب ماهوار بچت ٿيندي، گئس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون گيزر جي لاءِ بچت جا اوزار فراهم ڪنديون، ان سان 92 ارب رپيا ساليانو جي بچت ٿيندي، متبادل اسٽريٽ لائيٽس هلائڻ سان چار ارب رپين جي بچت ٿيندي. دفاع واري و??اقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي بيان جي توثيق ڪئي آه??، پرڏيهي وزير پاڪستان جي عوام جي ترجماني ڪئي، پوري قوم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، قوم ان بيانيي سان گڏ بيٺل آه??. هن چيو ته توشه خانه ڊگهي ڪهاڻي آه??، ان ۾ وڌيڪ شيون سامهون اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 69 سيڪڙو پاڻي زراعت ۾ استعمال ٿئي ٿو، فلڊ ايريگيشن کي زرعي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو، واٽر هاويسٽنگ پڻ ٿيندي، برساتن جي پاڻي کي زيان ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قد?? کنيا ويندا، صوبن کي ان پاليسي ۽ پروگرام بابت آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته هي قومي پروگرام آه??، اسان چاهيون ٿا ته اتفاق راءِ سان شروع ڪيو وڃي، ڏي??هن جي روشني کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ جي لاءِ اسان کي قد?? کڻڻا پوندا، آفيسن جي اندر بي تحاشا لائيٽس استعمال ٿي رهيون هونديون آه??، ان ۾ اسان کي بچت ڪرڻي پوندي، مختلف ذريعن سان توانائي جي بچت ڪري اربين رپيا بچائي سگهجن ٿا، خميس تائين ڪفايت شعاري پاليسي کي حتمي شڪل ڏني و??ندي، اسان کي پنهنجي وسيلن ۾ رهڻو پوندو. دفاع واري وزير چيو ته 6، 7 مهينن کان ان تي ڪم هلي رهيو هو، چئني صوبن سان مشاورت کانپوءِ اها حتمي شڪل اختيار ڪري و??ندي، ڪفايت شعاري اسان جي قومي ڪلچر جو حصو بڻجندي، ان سان معاشي مشڪلاتون به ختم ٿينديون، عوام جي فيملي لائيف تي پڻ مثبت اثر پوندا. وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي عوام جي امنگن موجب ڪشميري عوام سميت هندستان جي اندر رهندڙ مسلمانن ۽ اقليتن جو ڪيس دنيا آڏو رکيو آه??، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دهستگردي سان نقصان پاڪستان جو ٿيو آه??، اسان انسايت جو ڪيس اڳيان رکي وڙهندا رهنداسين. هن چيو ته اسان کي پنهنجي پرڏيهي وزير تي فخر آه??، پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آه??. هن چيو ته ملڪ جي اندر بحران آه??، عمران خان روزانو پاڪستان جي معيشت تي حملا ڪري ٿو. قمر زمان ڪائره چيو ته حڪومت پنهنجي ڪم ڪار جي و??ت ۾ تبديلي ڪرڻ چاهي ٿي، اسان گئس، تيل سميت ٻيون شيون درآمد ڪري رهيا آه??ون، حڪومت ڪفايت شعاري جي حوالي سان جيڪي قد?? کڻڻ جو فيصلو ڪيو آه??، بنيادي طور تي ان جو مقصد پاڪستان جي عوام جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ آه??، گيزر ۾ بچت جو اوزار استعمال ڪرڻ سان گئس گهٽ استعمال ٿيندي، گئس جي بچت سان گئس گهٽ درآمد ٿيندي، ان سان پاڪستان جي سرمائي ۾ به بچت ٿيندي. هن چيو ته ڪفايت شعاري جي حوالي سان اسان جون تجويزون آه??، اڄ اسان جو درآمدي بل 26 کان 28 ارب ڊالر آه??، جيڪڏهن ان ۾ اهڙي طرح اضافو ٿيندو رهيو ته اسان جي لاءِ مشڪل حالتون پيدا ٿينديون. هن چيو ته اسان ماڻهن کي ٻڌائي رهيا آه??ون ته اهي قد?? کڻڻ لازمي آه??، اسان صوبائي حڪومتن ۽ پارٽين سميت ٽريڊ آرگنائيزيشنز کان اميد ڪريون ٿا ته اهي اسان جي تجويزن کي پاڪستان جي بقاءَ ۽ بچت جو رستو ڏسي اسان جو ساٿ ڏي??.