جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻو?? سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ??ال?? جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻو?? سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻو?? سان پاڪستان ??و وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻو?? سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻو?? سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻو?? سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستان جي عوام ٻو?? متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻو?? جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻو?? کان متاثر علائقن جي بحالي جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? پنهنجي خطاب دوران ٻو?? کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.