ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي تر??ي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چيمبر جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه ??عد رفيق، مواصلات وارووفاقي وزير مولانا ا??عد محمود، وزير??عظ?? جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاط??ي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظهبي چيمبر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته چيمبر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزير??عظ?? چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تر??ي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي صلاحيت رکي ٿو. وزير??عظ?? چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستاني چيمبرز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهبي چيمبر سان نوان رابطا قائم ڪن. وزير??عظ?? ابوظهبي چيمبر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪن. وزير??عظ?? چيو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.