اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي معلومات ويب ??ائيٽ وڪي پيڊيا کي فوري بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪندي اعتراض جوڳو م??اد هٽائڻ جي لاءِ 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ??ي صحيحن سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. بيان موجب وزيراعظم اهو فيصلو ٽن رڪني وزارتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ڪيو. ٽي رڪني ڪميٽي قانون ۽ انصاف، معاشي ۽ سياسي معاملن ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارن وفاقي وزيرن تي ٻڌل هئي. وزارتي ڪميٽي اجلاس منعقد ڪيو ۽ معاملي جو جائزو وٺندي چيو ته وڪي پيڊيا مفيد معلوماتي ويب ??ائيٽ آهي، شاگرد، محققين ۽ معاشري جا ٻيا طبقا ان مان فائدو کڻن ٿا، پوري ويب ??ائيٽ بند ڪرڻ مناسب نه آهي، اعتراض جوڳي م??اد کي هٽائڻ جا قدم کنيا وڃن. بيان موجب انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو، قانون ۽ انصاف، اطلاعات ۽ نشريات، ڪامرس ۽ ڪميونيڪشن جا وفاقي وزير ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ شامل آهن. ضرورت موجب ڪنهن ٻاهر کي ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، ڪميٽي هڪ هفتي ۾ وفاقي ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. ڪميٽي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي وڪي پيڊيا تائين پهچ مڪمل بند ڪرڻ جي قدم جو جائزو وٺندي. ڪميٽي قدم تجويز ڪندي ته اعتراض جوڳي م??اد تي پابندي ۽ ان تائين پهچ کي روڪي سگهجي. ڪميٽي مذهبي طور تي حساس، مقدس ۽ اسان جي ڪلچر جي منافي م??اد تي پابندي جي لاءِ طريقيڪار تجويز ڪندي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڪميٽي کي سيڪريٽريل خدمتون فراهم ڪندي.