اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻ??ي ظاهر ڪندي چيو آهي ته و??لا??يل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بل??چ پريس بريفنگ ۾ چيو ته و??لا??يل علائقي ۾ نوجوان ڪشميري شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪشميري نوجوان نه ??هي ۽ نه ??هو انساني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته و??لا??يل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان و??لا??يل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وجب و??لا??يل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.