اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته عمران خان بزدل دهشتگردن وارو ڪم ڪري رهيو آهي، جيئن دهشتگرد پوليس ??ي حملو ڪندا آهن، ٻارن ۽ عورتن کي ڍال بڻائيندا آهن ۽ انهن جي رت تي بليڪ ميلنگ ڪندا آهن. هن چيو ته ف??رن ايجنٽ آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي، دهشتگرد رياست تي حملي آور آهي.