اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻا??ن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻا??ن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اندر همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصو??يت??ن پيدا ڪن. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ ال??ه تعاليٰ يتيم ٻا??ن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راهون کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻا??وتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو هو. هن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ ٻا??وتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏني. ان موقعي تي صدر ٻا??ن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کي ٻڌايو ته ايوان صدر اصل ۾ انهن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان ال??بارڪ کي يتي??ن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاحي تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻا??ن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻا??ن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏنو ۽ انهن کي پنهنجي زندگين ۾ ب??ترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.