اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي مفت اٽي جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، سياسي قيادت، سمورن ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن کي ملڪ جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي خاندان بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ نه آهن انهن کي به اٽي جا ٽي ٿيلها فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪزن جي معائني دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو صحت وارو نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر، وزير??عظ?? جو خاص معاون احد چيما، مسلم ليگ (ن) ج?? اڳواڻ ملڪ ابرار احمد، ڪمشنر اولپندي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزير??عظ?? اٽو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ شهرين کان انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ مفت اٽي جي فراهمي ۾ ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. وزير??عظ?? کي ڪمشنر راولپنڊي مفت اٽي جي فراهمي جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جيڪا راولپنڊي ۾ رهي ٿي، کي پڻ مفت اٽي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزير??عظ?? چيو ته جيڪي خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رڪارڊ تي نه آهن پر غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي به مفت اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڄ کان اهو نظام ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. وزير??عظ?? چيو ته جن ماڻهن کي نالو نه هجڻ جي بنياد تي مفت اٽو فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هاڻي انهن جي لاءِ فوري طور تي ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا ۽ انهن کي به اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته اڄ اڱاري کان مفت اٽي مرڪزن تي ٽي ٿيلها گڏ ڏنا ويندا ته جيئن انهن کي بار بار اچڻ جي زحمت نه ٿئي، جيڪي ماڻهو هڪ ٿيلهو وٺي چڪا آهن انهن کي اڳئين ڀيري اچڻ تي گڏ ئي ٻه ٿيلها ملندا. وزير??عظ?? مفت اٽي جي فراهمي جي لاءِ پنجاب حڪومت جي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته مفت اٽي جي فراهمي جو پروگرام شروع ڪيو ويو آه??، ماضي ۾ اسان هر دڪان تي سستو اٽو پهچايو ۽ هاڻي مفت اٽي جي فراهمي جيڪو هڪ وڏو مشڪل ڪم هو، بهتر طريقي سان پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ مفت اٽي جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي قائد??عظ?? محمد علي جناح جي خواب جي تعبير موجب تعمير ڪرڻ جي لاءِ سموري سياسي قيادت ۽ ادارن کانسواءِ زندگي جي هر شعبي سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.