اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) پاڪست??ن چيو آهي ته هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي هڪ فعال ميمبر طور تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم جي ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مق??م ڀارت جي ميزباني ۾ 3 اپريل تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ثقافت وارن وزيرن ج?? اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪئي. ترجم??ن چيو ته انجنيئر امير مق??م اجلاس ۾ پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي ک?? اج??گر ڪيو ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ تحت ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجم??ن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي هڪ فعال ميمبر طور شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جاري رکندو ۽ ان جي نتيجن ۾ مسلسل تعاون ڪندو رهندو.