ڪوئيٽا – 18 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان بي اي پي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ سياسي پارٽي پاران ملڪ ۾ سيا??ي ڇڪتاڻ ۾ اضافي، جلاءُ گهيراءُ ۽ تشدد جي سياست جي مذمت ڪئي جڏهن ته ملاقات ۾ قوم پاران منفي سياست کي رد ڪري پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات ۾ بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي ۽ مسئلن جي حل تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بلوچستان جي ترقي وفاق جي عملي تعاون ??ان??واءِ ممڪن نه آهي. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته پاڪستان پ??پل??پارٽي احساس محرومي جي شڪار ننڍن صوبن کي اهميت ڏي ٿي. هن يقين ڏيار??و ته هو بلوچستان جي مالي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزيرن سان ڳالهه ڪندو.