اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوص?? ماڻهن ج?? مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪو??ا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوص?? ماڻهن جي ڪو??ا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪند?? ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، خصوص?? ماڻهن جي خودمختياري جي لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوص?? ماڻهن جي ڪو??ا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي، بئنڪ، ڪاروباري ادارا ۽ نجي شعبو خصوص?? ماڻهن کي نوڪريون ڏي. صدر چيو ته خصوص?? ماڻهن کي هنر ۽ معذوري جي نوعيت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، پاڪستان ۾ خصوص?? ماڻهن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خصوص?? ماڻهن کي قابل قدر هنر جي فراهمي جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهو رابطو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي خصوص?? ماڻهن جي تربيت لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، خصوص?? ماڻهن کي مناسب نوڪرين جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي جي ممڪن آجرن سان ملائڻ گهرجي. صدر فوري، آسان ۽ پريشاني کان پاڪ انداز ۾ معذوري سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرٽيفڪيٽ سان خصوص?? ماڻهن کي مختلف حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي عملدارن پاران خصوص?? ماڻهن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن ۾ معذوري ڪو??ا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، خصوص?? ماڻهن جي ڪو??ا تي سرڪاري شعبي ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته نجي شعبي ۾ ڪو??ا تي وڌيڪ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، خصوص?? ماڻهن کي ان??ن جي معذوري ۽ آجرن جي ضرورتن موجب هنر فراهم ڪرڻ جي پروگرام تي ڪم ڪيو پيو وڃي.