اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل انتهائي شديد سامونڊي ط??فان بپر جواءِ وڌيڪ ڪمزور ٿي ڪيٽگري ون جي سامونڊي ط??فان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسر مينجمينٽ اٿارٽي موجب جمعي تي منجهند جو سامونڊي ط??فان ڪيٽي بندر کان 145، ٺٽي کان 169 ۽ ڪراچي کان 230 ڪلو ميٽر ڏور ڏکڻ اوڀر ۾ هو، طوفان جي سطح تي هوا جي رفتار 80 کان 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي پسگردائي ۾ 110 ڪلو ميٽر ريڪاڊ ڪئي وئي، سمنڊ ۾ لهرون 10 کان 12 فٽ هيون. واضع رهي ته پاڪستان جي سامونڊي ڪناري واري پٽي تي امڪاني اثرن جو دارومدار طوفان جي وڌيڪ اڳڀرائي تي آهي، لاڳاپيل ادارا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ت??ار آهن، طوفان جا اثر ختم ٿيڻ ??ائ??ن عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.