پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عا??مي مالياتي معا??دي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عا??مي مالياتي معا??دي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا ??ڃي??دي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئ??ا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عا??مي مالياتي معا??دي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عو??م کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عا??مي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.