اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت انهن جي ڊگهي قيد کي ??تم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن سياسي قيدين کي ??زاد ڪيو وڃي ۽ انهن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان انهن کي ??زاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي. هن چيو ته شبير احمد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان ??ڌي?? آهي، ان کي ??نساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل ??جا??ور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو ??هي.