اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي سان اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي وفد محمد احمد جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر ملڪي ترقي جي لاءِ واپاري سرگرمين ۽ روانگي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار وڌائڻ ??ي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي ت?? صدر کي ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي اسلام آباد جي صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن بابت پڻ بريفنگ ڏني. صدر ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو.