اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آه?? ته غزه ۾ جنگبندي سان انساني امداد جي پهچ ممڪن بڻائي سگهبي، پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو، نگران وزيراعظم پهرين کان 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات ۾ موسمياتي عالمي ڪانفرنس (ڪوپ – 28) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪ??دو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ??ه هن هفتي پاڪستان ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ فن لينڊ سان جدا جدا ٻطرفي سياسي مشاورت ڪري رهيو آه??. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) ايمبيسڊر شفقت علي خان انهن ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آه??. هن چيو ??ه ان مشاورتي عمل سان خطي ۾ پاڪستان کي دوست ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ماحوليات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، تعلي?? ۽ ??اپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو موقعو مل??دو. هن چيو ??ه اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي ايجنڊا بشمول موسمياتي تبديلي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو مل??دو. ترجمان چيو ??ه ڊينمارڪ سان ٻطرفي سياسي مشاورت 21 نومبر 2023ع تي ٿي جنهن ۾ ڊينمارڪ پاران پرڏيهي پاليسي بابت انڊر سيڪريٽري اينڊرس تانگ فريبرگ قيادت ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، ماحول دوست توانائي ۽ عوامي رابطا رکندڙ ٻطرفن لاڳاپن جي سموري دائره ڪار جو وڏي پئماني تي جائزو ورتو. ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ??ه پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت اسٽاڪ هوم ۾ ٿي رهي آه?? جڏهن ته فن لينڊ سان سڀاڻي هيلسنڪي ۾ ٿيندي. سوئيڊش وفد جي قيادت ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي شعبي جو سربراهه آسڪر شلٽر ۽ عالمي معاملن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊيگ جوهلن – ڊيفيلٽ ڪ??دو. فن لينڊ سان هيلسنڪي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي قيادت فن لينڊ جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جو آمريڪا ۽ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جيري سنڪاري ڪ??دو. ترجمان وڌيڪ چيو ??ه پوري دنيا وانگر پاڪستان به ان جنگبندي جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آه?? جيڪا سڀاڻي کان لاڳو ٿيڻ جي اميد آه??. ان سان غزه جي محصور ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو انساني لنگهه قائم ڪرڻ جو موقعو مل??دو. هن چيو ??ه پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو. اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ امن رڳو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ??ه هن هفتي جي شروع ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، اهو هٿياربند ٽڪراءُ ۾ ٻارن کي لاحق خطري جي ياد ڏياري ٿو، جيئن ته يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو چيو آه?? ته غزه اڄ ٻارن جي لاءِ دنيا جي سڀ کان خطرناڪ جڳهه آه??. 7 آ??ٽو??ر کان هيستائين غزه ۾ اٽڪل 6000 ٻار شهيد ڪيا ويا آه?? جيڪو غزه ۾ ٿيندڙ موت جو 40 سيڪڙو آه??. اسان غزه جي انهن ٻارن جي تحفظ جو مطالبو ڪريون ٿا جيڪي انڌاڌنڌ بمباري جا سڀ کان وڌيڪ متاثر آه??. هن چيو ??ه اسان کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻارن جي خراب حالت کي پڻ نه وسارڻ گهرجي جيڪي تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ رهي رهيا آه??. هٿياربند اهلڪارن جي وڏي تعداد ۾ مقرري ۽ طاقت جي بي لغام استعمال والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي لاءِ صدمي ۽ پريشاني جو ماحول ٺاهي رکيو آه??. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن سان اٽڪل 100000 ٻار يتيم ٿي چڪا آه??، ٻارن کي بنا جواز گرفتار، زخمي ۽ شهيد ڪيو ويو آه??. ڀارت کي فوري طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. ترجمان چيو ??ه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس 2023ع جي هڪ حصي طور 1، 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪ??دو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ موسمياتي تبديلي وارو وزير ۽ ماحولياتي رابطا وفد جو حصو هوندا. دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي مصروفيتن ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي تقريبن ۾ شرڪت ۽ شريڪ ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون شامل آه??. هن چيو ??ه نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو ۽ سمورن شعبن بشمول تخفيف، موافقت، موسمياتي ماليات ۽ لاس اينڊ ڊيميج سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل موسمياتي خاطرين تي عملدرآمد تي زور ڏي??دو. هو موسمياتي تبديلي جي بحث ۾ برابري ۽ گڏيل پر مختلف ذميوارين جي لاءِ طئي ڪيل اصولن جي مرڪزيت کي اجاگر ڪ??دو. هو ماحولياتي لحاظ کان ريزيليئنس پيدا ڪرڻ جي لاءِ ويجهي عالمي تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏي??دو. ترجمان چيو ??ه ڪوپ – 28 ۾ ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ سمورن ماحولياتي خطرن ۾ ورتل اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي فعال ڪرڻ سان گڏوگڏ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ (جي ايس ٽي) جي بامعنيٰ نتيجن جي ڳولا ڪئي ويندي ۽ پاڪستان ترقي يافته ملڪن کان پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ پڻ ڪندو ته اهي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موسمياتي ماليات جي طور تي ساليانو 100 بلين ڊالر جي رقم کي موبلائيز ڪرڻ جي پراڻي هدف کي فوري ۽ مڪمل طور تي پورو ڪن. هن چيو ??ه نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 28 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ پناهگيرن جي اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ عالمي اتحاد بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جو دورو ڪ??دو. هو اهو دورو مائيگريشن آف هوم افيئرز بابت يورپي ڪمشنر زيلوا جوهانسن جي دعوت تي ڪ??دو. ڪانفرنس ۾ نگران پرڏيهي وزير غيرقانوني هجرت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وجهندو ۽ يورپي يونين سان تازو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي فريم ورڪ جي اندر هجرت جي قانوني رستي کي هڪ قابل عمل متبادل جي طور تي پيش ڪ??دو.