اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? پاڪستان جي عوام کي ڪرونا وائرس جي وبا کان محف??ظ رکڻ ۽ ان جي لاءِ رليف جي فراهمي وزيراعظم عمران خان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي راهه ۾ ايندڙ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صوبن سان تعاون ۽ هم آه??گي سان اڳتي وڌندي ??ستحق ماڻهن جي گهرن تائين پهچنداسين، صنعت جو مرحليوار ڦيٿو هلائڻ جي لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جون سفارشون به ڪابينا آڏو رکيون وينديون.