??سل??م آباد – 14 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪري سافٽ ويئر روانگي واپار جا وسيع موقعا موجو?? آهن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته وزيراعظم عم??ان خان مون کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي سان هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي آهي جنهن جو آئو?? چيئرمين آهيان. ه?? چيو ته مصنوعي ذهانت سميت انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ گهري دلچسپي رکان ٿو. مصنوعي ذهانت بابت خاص قدم کڻي رهيا آهيون.