اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي موجوده تسلي بخش صورتحال ۽ پنجاب صوبي پاران باقاعدگ?? سان ڪڻڪ جي رليز تي اطمينان جو اظها ??ڪندي چيو آهي ته مستقبل جي ضرورتن جي حوال?? سان وقت سر اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي وڏي مقدار سان گڏوگڏ مناسب قيمتن کي يقيني بڻائڻ به حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن عوام کي بنيادي خوراڪ جي ڏس ۾ ڪنهن قسم جي مشڪل نه ڏسڻي نه پوي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوال?? سان اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجل??س ۾ وفاقي وزير محمد حماد اظهر سينيٽر شبلي فراز، سيد فخر امام، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مرزا شهزاد اڪبر، خصوصي صلاحڪار داڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، پنجاب جو خوراڪ وارو وزير عبدالعليم خان، لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽريز، جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذ??يعي اجل??س ۾ شرڪت ڪئي.