اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي معاهدي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهو معاهدو علائقائي استحڪام کي سگهه ڏيندو. پ??هن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ٽيليفون تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ايران جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ??طر??ن لاڳاپن جي مختلف رخن ?? اسرائيل پاران انساني حقن جي پائمالي?? جو جائزو ور??و ويو. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي معاهدي تي مبارڪباد ڏني جيڪو علائقائي استحڪام کي سگهه ڏيندو. وزيراعظم چيو ته هن ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي.