واشنگٽن – 23 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان تر??يه جي هم منصب مهمت سمشيڪ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ناڻي واري وزير تر??يه جي تجربن مان سکڻ ۽ تر??يه جي ڪمپنين سان گڏجي پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جي اهميت تي زور ڀريو . هن ٻه طرفي واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي ۽ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند موقعا پيدا ڪندا. اها ڳالهه ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي جنهن جو مقصد ڊگه?? مدي جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ آ??ي.