ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ريلي عالمي برادري جو ضمير جنجهوڙيندي: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP55-23 ISLAMABAD: August 23 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan addressing a rally held in order to express solidarity with Kashmiries along with Ali Amin Gandapur, Federal Minister for Kashmir Affairs and Gilgat Baltistan&Kashmiri Hurriyat Leader Yasin Malik's wife Mishal Malik in the federal capital on Friday. APP

اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صحافين جي معصوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي سان عالمي برادري جو ضمير جنجهوڙڻ ۾ مدد ملندي، مودي کي خبردار ڪريون ٿا ته تنهنجي ڪوڙي بيانيي جي هڪ به نه هلڻ ڏينداسين، والاريل واديءَ ۾ ڪشميري مسلمانن کان مذهبي آزادي تائين کسي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس آڏو صحافتي تنظيمن جي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa