اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سپريم ڪ??رٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ ??ي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان سان قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم اسلام آب??د ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس اعليٰ عدليه جي حڪمن جي روشني ۾ احتساب ۽ صنفي تشدد جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ نيون عدالتون قائم ڪرڻ بابت تجويزون پيش ڪي??ن.