اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تمام جلد ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز ??ي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، اها ڳالهه هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي ڪارڪردگي، پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافي ۽ ماليات?? اشارن جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير چيو ته ڪو??ونا عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت کي شديد متاثر ڪيو آهي، ڪو??ونا جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرنڊدڙ ملڪ ۽ محدود وسيلا رکندڙ ملڪ معاشي طور ??ي شديد متاثر ٿيا آهن، ڪو??ونا عالمي وبائي چئلينجن جي باوجود پرڏيهي ناڻي جي شرح ۾ اضافو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.