اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به ڪرسمس جو ڏڻ اڄ جمعي ڏينهن ملهايو و??ند??. ان ڏس ۾ مسيحي برادري ڪرسمس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري جي خوشين ۾ شريڪ ٿ??ڻ لاءِ ڪيڪ ڪٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ ان ا??م ڏڻ جون وڌيڪ تقريبون وبا جي ٻي لهر جي ڪري پوري دنيا ۾ ڊجيٽل طور تي منعقد ٿ??ند??ون، تنهن هوندي به مسيحي برادري ان وائرس کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪندي جوش ۽ جذبي سان ا?? ڏڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي، مسيحي برادري جو ڏڻ ڪووڊ -19 ايس او پيز تي عمل ڪندي ننڍي پئماني تي سرڪاري ميڙاڪن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جهڙي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جي ذريعي ملهايو پيو وڃي، ڪرسمس فيسٽيول ۾ ڪرسمس ٽري، سانتاڪلاز ڪيرولز ۽ ڪرسمس تحفن جهڙيون روايتون شامل آهن جيڪي ان ڏڻ کي دلڪش بڻائ??ند??ون آهن، سمورا وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي مارڪيٽن ۽ هفتيوار بازارن ۾ خريداري جڏهن ته نوجوان ڪرسمس ٽري جي سجاوٽ ۽ پنهنجي، پنهنجي فيملي ۽ دوستن جي لاءِ ڪرسمس تحفن جي خريداري ۾ مصروف آهن.