اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ مظاهرين جي جنگ ۽ جيو گروپ جي م??ڪز?? آفيس تي حملي جي م??مت ڪريون ٿا، واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾ جنگ ۽ جيو گروپ جي م??ڪز?? آفيس تي حملي کانپوءِ نجي ٽي وي چينل تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آ??ي ۽ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي تشدد جي اجازت نه ٿ?? ڏئي سگهي، سنڌ حڪومت ڇو وقت سر پوليس مهيا نه ڪئي. شبلي فراز چيو ته واقعي ۾ پوليس جو خاموش تماشائي بڻجڻ سمجهه کان مٿي آهي ته پوليس مظاهرين جي خلاف ايڪشن ڇو نه کنيو، واقعو ڪراچي ۾ ٿيو آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ته ڪهڙا محرڪات هئا ۽ واقعي ۾ ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا.