اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن م??جب سياحت ج?? شعبي کي ترقي ڏني پئي و??ي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا مو??عا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي و??ي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت ج?? شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وف??قي وزير اسد عمر، توانائي وارو وف??قي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وف??قي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وف??قي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين ج?? شعبي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته نج?? شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي و??ندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.