اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسيپڪر اسد قيصر سان آزاد ڪشمير جي تحريڪ انصاف آزاد جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ا??پيڪر چيو ته پاڪستاني ??ڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڀارت جو ڪشميري عوام تي ڪيل انسانيت لڄائيندڙ ظلمن جو پوري دنيا مذمت ڪري ٿي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جو بنيادي حق ڏيڻو پوندو، ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني ??قن جي سنگين خلاف ورزين سان پوري دنيا آگاهه آهي، عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪوم?? پاران ڪيل ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ??سپ??ڪر چيو ته ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.