اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 102 فوتگيون ٿيون جنهن مان 50 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪ??انڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 70 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن ??هر?? ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سي??ڙو?? لاهور ۾ 52 سي??ڙو?? پشاور ۾ 38 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 42 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن ??هر?? ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 41 سي??ڙو?? صوابي ۾ 47 سي??ڙو?? گجرانوالا ۾ 49 سي??ڙو?? ملتان ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 123، پنجاب ۾ 20 هزار 272، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 693، اسلام آباد ۾ 3 هزار 897، بلوچستان ۾ هڪ هزار 377، گلگت بلتستان ۾ 298، آزاد ڪشمير ۾ 868 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 10 هزار 143 ٿي چڪو آه??. گ??ت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪي?? وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63 هزار 229 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 93 هزار 461 آهي .