اسلام آباد – 28 ??ول??ءِ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي جو فروغ ??ڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وڏي وزير وزيراعظم کي مختلف ضلعن ۾ جاري سياحتي سرگرمين ۽ ايندڙ ملڪ ۽ غير ملڪي سياحن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن ک??ن تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحن کي بهترين سهولتون ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ان ک??نسواءِ سياحت جي فروغ لاءِ ڏنل روڊ ميپ موجب ترقياتي منصوبن ۽ قدمن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏن??. و??يراعظم عمران خان سياحت جي فروغ ??ي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سياحت جي شعبي جو فروغ ??ڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته سياحت جي فروغ ??ان نه رڳو مقامي علائقن ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون پر ملڪي معيشت تي به مثبت اثر پوندا.