اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيا??ي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ امان ضروري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان مل??قات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل ??ومن جي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرتگال سان پاڪستان جي گڏيل ??اڳاپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيا??ي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ افغانستان ۾ امن امان ضروري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو افغانستان سان رابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن افغان عوام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان جي مدد ڪري سگهجي ۽ افغانستان کي معاشي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن افغانستان سان سفارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، هن پرتگال جي پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين?? جنگي ڏوهن، انس??ني?? جي خلاف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي حوالي سان عالمي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ پرتگال جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش جو به اظهار ڪيو.