ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغا??ست??ن ج?? پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغا??ست??ن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي امداد ??ي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان ج?? ترجما?? ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغا??ست??ن ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن ج??ن ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغا??ست??ن مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني امداد ??ي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻين تنظيمن کي امداد جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن ج?? اماراتي اسلامي افغا??ست??ن آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين ج?? واپسي ۾ مدد فراهم ڪندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغا??ست??ن کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ س??ار??ي ناتن ج?? بحالي لاءِ ڪوششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي ??ي سمجهڻ جو بهترين موقعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.