اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ زندگي مبارڪ تي روشني وڌي.
هن چيو ته اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ عورتن ۽ ٻارڙين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن جي احترام جو عملي طور تي درس ڏنو ۽ هن معاشري ۾ باعزت ۽ باوقار مقام ڏنو. هن چيو ته اسان کي حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته عورتن ??ي وراثتي حقن جي حوالي سان الله تعاليٰ واضح حڪم ڏنا آهن، پاڪستان ?? عورتن جي حقن جي تحفظ جا قانون موجود آهن. اسان جي ذميداري آهي ته انهن قانون جي عملدرآمد جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي. ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا3 دعا گهري ??ئي.