اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي، قبضا ختم ڪرائيندي وقت غر??ب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاءِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪشمير ڊولپمينٽ پيڪيج تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪشمير ترقيات?? پيڪيج ۾ تجويز ڪيل منصوبن ۽ انهن جي لاڳت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪشمير ۾ جاري ت??قياتي منصوبن ۽ حڪومت پاران انتظامي معاملن جي حوالي سان سڌارن تي به آگاهه ڪيو ويو. ترقيات?? پيڪيج ۾ اهم شاهراهن، پُلين ۽ سرنگهن جي ت??مير شامل آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايوو ويو ته انفرااسٽرڪچر جي بهتري سان سياحت کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ آمدرفت ۾ آسان?? پيدا ٿيندي، پيڪيج ۾ شهري انتظامي معاملن جي حوالي سان به منصوبا شامل آهن، شهرن ۾ موجود گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کنيا، ان شروعاتي مهينن ۾ نه رڳو قبضن جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو پر 1200 ٽن گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳايو ويو، توانائي جي شعبي سان گڏوگڏ پيڪيج ۾ سياحت کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي، سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪر?? انهن کي شاهراهن سان جوڙيو ويندو. سياحتي ماڳن ۾ سڪي ريسارٽ بڻائڻ لاءِ به جڳهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيڪيج ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي شعبي لاءِ به هڪ وڏي رقم رکي وئي آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي سهولتن جي فراههمي به پيڪيج جو حصو هوندي.پيڪيج ۾ صنعتي ت??قي ۽ ماحوليات جي درستگي لاءِ به وڏا منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سماجي ت??فظ جي منصوبن، صحت ڪارڊ، نوجوانن لاءِ روزگار، هارين جي مدد ۽ گهٽ لاڳت رهائش حاصل ڪرڻ جي دائري ڪارکي وسيع ڪر?? ڪشمير کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي. قبضا هٽائيندي وقت غر??ب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ماڊل تي به ريڙهي وارن جي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاءِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن.