اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انه?? جي رهنمائي جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوان?? جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اه??ن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻي?? جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي سان صوبي جي ماڻه?? جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرار?? جي متبادل حل جي نظام س??ن ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرار?? جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه حڪومت اڳوڻي فاٽا جي نئين ضم ٿيل ضلع?? جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلع?? جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي سار??هي?? ۽ ضم ٿيل ضلع?? جي مسئل?? جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي سار??هي??. هن معياري صحت سهولت?? جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي سهولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.