اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچون ته وزيراعظم فائنل ڏس?? ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طريقي سان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي تمام گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو آهي، ان لاءِ اڄ جي مئچ کٽ?? ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور ک??ينداسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي، سمورن ران??يگ??ن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو ??عزاز ملي ٿو.