اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، ??اڪ??تان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لاءِ ??اڪ??تان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين مثبت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان معيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، ??اڪ??تان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل ??اڪ??تان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري ??هت??ين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان جي دوري تي آيل ايوان نمائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گر??گو??ي ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ٿيندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. ??اڪ??تاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ ??اڪ??تان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ??اڪ??تاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.