اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيح?? واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حق?? واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پا??لياماني معامل?? واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معامل?? واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پا??ان صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعم??ل ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.