اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي ڦهلاءُ جي شرح تمام تيز آهي، هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، پنجاب ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف ڪا??روائي کانپوءِ يوريا ڀاڻ جي قيمت ۾ 400 رپيا في ٻوري گهٽتائي آئي آهي، وفاقي ڪا??ينا تڪ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊن دوران ووٽن کي پئسن سان خريد ڪرڻ جي مبينا وڊيو منظرعام تي اچڻ ۽ سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ اضافي تي ??ڻت?? ظاهر ڪئي آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي ل??ءِ 50 هزار ٽن ڪڻڪ جي امداد ۽ افغانستان جي صورتحال تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو خصوصي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي حوالي سان ڪا??ينا کي بريف ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهو قسم ڏکڻ آفريقا کان شروع ٿيو آهي. شروعاتي اطلاعن جي بنياد تي ان جي ڦهلاءُ جي شرح تمام تيز آهي. ڪا??ينا عوام جي تحفظ جي ل??ءِ ماسڪ جي استعمال، سماجي فاصلي ۽ ويڪسي نيشن جي ترغيب ڏني. اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ووٽنگ مشينون حاصل ڪرڻ، عملي جي ٽريننگ، لاڳاپيل ادارن جي ذميوارين، عوامي آگاهي مهم ۽ مقرر وقت ۾ پهچ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪا??ينا تڪ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊن دوران ووٽن کي پئسن سان خريد ڪرڻ جي مبينا وڊيو منظرعام تي اچڻ تي سخت ??ڻت?? جو اظهار ڪيو. ڪا??ينا چيو ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم جمهوريت جي منافي آهن. شفافيت کي نظر ۾ رکندي ڪا??ينا ڪورونا وبا جي ل??ءِ پئڪيج تي آڊٽ رپورٽ جي حوالي سان لاڳاپيل کاتن کي وضاحت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪا??ينا کي ضرورت جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي آئي، 05 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته خطي ۾ گيهه ۽ چانهه جي پتي جي قيمتن کانسو??ءِ ٻين سمورين گهريلو استعمال جي شين جون قيمتون پاڪستان ۾ گهٽ آهن. انهن شين ۾ اٽو، چڻا، دال ماش، دال مڱ، ٽماٽا، بصر، چڪن ۽ پيٽرول شامل آهي. ڪا??ينا کي ٻڌايو ويو ته اٽو، کنڊ، دال مڱ ۽ چڻن جي دال جي قيمت سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ آهي. ڪا??ينا سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ??ڻت?? جو اظهار ڪيو. پيٽروليم ڊويزن ڪا??ينا کي ذيلي ادارن م ايم ڊي ۽ سي اي او جي خالي جاين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 4 جايون خالي آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ڪا??ينا ميسرز سرينا ايئر، ميسر ايئر بليو، ميسرز پي آءِ اي سي ايل ۽ ميسرز پرنڪلي جيٽس کي قومي هوابازي پاليسي 2019ع تحت هوابازي لائيسنس جي تجديد جي منظوري ڏني. ڪا??ينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي سول ايوي ايشن اٿارٽي رولز تحت هوائي اڏن جي ڀرپاسي ۾ قائم ڊگهين عمارتن جي حد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اسلام آباد بليو ايريا ۾ عمارتن جي بلندي جي حد 1000 فٽ مقرر ڪئي وئي آهي. ان فيصلي سان شهرن جي حدن جي اجائي ڦهلاءُ کي روڪڻ، سرسبز کي بچائڻ ۽ زرعي زمين کي برقرار رکڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ڪامرس واري وزارت جي سفارش تي ڪا??ينا تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ مقرر عملي کي هارڊشپ پاليسي تحت وطن واپسي تي ذاتي استعمال جون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني. گهرو وزارت جي سفارش تي ڪا??ينا ٻاهرئين ملڪ مان تبليغي جماعت جي پاڪستان ايندڙ ماڻهن جي ل??ءِ ويزا جو مدو 120 ڏينهن مان وڌائي 150 ڏينهن ڪرڻ جي منظوري ڏني. ويزا آن لائين پورٽل ذريعي حاصل ڪري سگهبو. ڪا??ينا ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آئي) جي چيئرمين جي مقرري جي ل??ءِ طريقيڪار جي منظوري ڏني. اها مقرري چٽاڀيٽي عمل تحت مئنيجمينٽ پوزيشن اسڪيل پاليسي 2020ع تحت ڪئي ويندي. سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي سفارش تي ڪا??ينا اوورسيز ايمپلائمينٽ پروموٽر لائيسنسز جاري ڪرڻ جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي. ڪا??ينا هدايت ڪئي ته انهن پروموٽرز جي ڪم جو جائزو وٺڻ ل??ءِ طريقيڪار هڪ هفتي جي مدي ۾ ٺاهيو وڃي. ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته پروموٽرز پاران ٻاهر ويندڙ ماڻهن کان ناجائز طور تي اضافي رقم وصول نه پئي ڪئي وڃي. ڪا??ينا اداراجاتي سڌارن باتب ڪميٽي جي 12 نومبر 2021ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جيمز ۽ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني جي نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ڪا??ينا توانائي بابت ڪميٽي جي 18 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. توانائي بابت ڪميٽي گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان سردي جي موسم 22 – 2021ع ۽ ڪيماڙي ڪراچي ۾ تيل ڊپو قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ملڪ ۾ نڪرندڙ گئس کي گهريلو صارفين جي ل??ءِ ئي مخصوص رکيو ويندو ڇو ته ان جي قيمت گهٽ هوندي آهي. سي اين جي سيڪٽر کي پهرين ڊسمبر 2021ع کان 15 فيبروري 2022ع تائين بند رکيو ويندو. آئي پي پيز ۽ ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي جاري رهندي. ايڪسپورٽ سيڪٽر جي صنعتن کي گئس جي فراهمي جاري رهندي. ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽس کي 5 سيڪڙو اضافي گئس فراهم ڪئي ويندي. سردين ۾ گهريلو صارفين جي ل??ءِ جون قيمتون گهٽ ڪيون ويون آهن ته جيئن گئس جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي. سي اين جي، سيمنٽ ۽ ڪيپيسٽو پاور کان بچندڙ گئس کي گهريلو صارفين جي ل??ءِ استعمال ڪيو ويندو. گئس بچت جي ل??ءِ عوامي آگاهي مهم هلائي پئي وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سفارش تي ڪا??ينا آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين ۽ پريس ڪا??ونسل آف پاڪستان جي چيئرمين جي مقررين جي ل??ءِ سليڪشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. آءِ ٽي اين اي جي چيئرمين جي ل??ءِ سليڪشن بورڊ اطلاعات واري وزير، اطلاعات واري سيڪريٽري، اطلاعات واري ايڊيشنل سيڪريٽري، گريڊ 21 جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هوندو. پريس ڪا??ونسل آف پاڪستان جي چيئرمين جي ل??ءِ سليڪشن بورڊ اطلاعات واري وزير، اطلاعات واري سيڪريٽري، اطلاعات واري ايڊيشنل سيڪريٽري، گريڊ 21 جي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ قانون واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل هوندو. ڪا??ينا محمد سليم کي نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ڪا??ينا کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده اسٽاڪ ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڀان ڪمپنين سنڌ جي ڊيلرز کي 53 سيڪڙو وڌيڪ ڀاڻ جاري ڪئي جنهن جي ڪري پنجاب ۽ باقي علائقن ۾ يوريا جي کوٽ ٿي ۽ قيمت وڌي وئي هئي. جڏهن ته وزيراعظم جي هدايت تي ان فرق کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف خلاف کنيا ويا جنهن جي ڪري سراسري طور في ٻوري جي قيمت ۾ 400 رپين جي گهٽتائي ٿي اهي. هن وقت گوجرانوالا ۾ ڀاڻ جي ٻوري 1850 رپين ۾ ملي رهي آهي. ملڪي ضرورتن کان 2 لک ٽن وڌيڪ ڀاڻ موجود آهي. ڪا??ينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپلائي کي مانيٽر ڪرڻ جي ل??ءِ آن لائين پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان وفاقي حڪومت، صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي ل??ءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. انهن ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گرفتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا. ان کانسو??ءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن جتي ڀاڻ جي کوت، ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي وچ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي ل??ءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي خلاف لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ اطلاع فراهم ڪندڙن کي ضبط ٿيل مال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. ڪا??ينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 29 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو خصوصي اجلاس پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ جي منظوري ۽ افغانستان جي ل??ءِ 50 هزار ٽن ڪڻڪ جي امداد جي منظوري ڏني وئي.