اسلام آب??د ?? 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام مريءَ ۽ ٻين اترين ع??ائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريءَ ۽ بين اترين ع??ائقن جي لاءِ عوام جو هڪ وڏو هجوم روان دوان آهي، لکين گاڏيون انهن ع??ائقن طرف وڃي رهيون آهن، مقامي انتظاميا جي لاءِ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڃا گهرن ۾ آهن انهن کي درخواست آهي ته اترين ع??ائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏين.